مولوي محمد ابراھيم انيس مهيري

مولوي محمد ابراھيم انيس مهيري

مولوي محمد ابراھيم انيس مهيري

مولوي محمد ابراهيم ’انيس‘ مهيري: مشھور شاعر، استاد ۽ ديني عالم. ’انيس‘ مھيري جو اصل نالو مولوي محمد ابراهيم ولد حاجي غلام حسين مھيري هو. سندس پيدائش 15 مارچ 1918ع تي ڳوٺ ٻاگهلي (ڪڙئي گھنور کان 5-6 ميل اتر طرف)، تعلقي گولاڙچي (شھيد فاضل راهو) ضلعي بدين ۾ ٿي. هي اڃا پنجن سالن جو هو ته سندس والد ڦورن هٿان هڪ حادثي ۾ شھيد ٿي ويو. 1938ع ۾ هي ٻاگهلي مان لڏي ڳوٺ مولوي علي محمد مھيري (سنھڙو شريف) ۾ اچي آباد ٿيو. قرآن مجيد حافظ محمد خان پنھور وٽ پڙهيو. سنڌي فائنل امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ، سجاول جي مدرسي مان ديني تعليم حاصل ڪئي، وڌيڪ ديني تعليم ڪراچي ۾ مولوي محمد صادق کڏي واري جي مدرسي ۽ ڊاڀيل گجرات مان حاصل ڪئي. مسلم اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. سنڌي فارسي ۽ عربي جو عالم، بھترين شاعر ۽ اديب ٿي گذريو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’جرنيل اعظم‘ (بن وليد'>خالد بن وليد)، (2) ’اصول نجات‘، (3)آسان تفسير‘ ۽ (4) ’مفيد الوارثين‘ (وارثن لاءِ قانون) شامل آهن.. هن شاعريءَ جو به هڪ مسودو تيار ڪيو، جيڪو هن وقت اڻلڀ آهي. مولوي ’انيس‘ مھيري آگسٽ 1994ع ڌاري ڳوٺ علي محمد مھيري ۾ وفات ڪئي. ٻاگهليءَ جي اباڻي قبرستان ۾ دفن ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.03.15  عيسوي

مولوي محمد ابراھيم ’انيس‘ مهيري 15 مارچ 1918ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيٺ ٺاڪرداس گولومل
ببو
شيخ عبدالرئوف
فيض محمد ميمڻ
شيخ ارشاد
حاجي غلام عباس شاهه باجارا
رشيد صديقي حافظ
الحاج سيد حاجي عبدالرحيم شاهه
شبلي نعماني علام
اياز ڀاڳت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون